پاڪستان پيپلز پارٽي

پاڪستان پيپلز پارٽي: پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان جي سڀ کان وڏي وفاقي سياسي پارٽي آهي، جنهن جو باني (شهيد) ذوالفقار علي ڀٽو هو. هن پارٽيءَ جو بنياد 30 نومبر 1967ع تي لاهور ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ وڌو ويو، ان موقعي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي پارٽي چيئرمئن طور چونڊيو ويو. هن پارٽيءَ جو بنياد چئن بنيادي اصولن تي رکيو ويو: (1) اسلام اسان جو دين آهي. (2) جمهوريت اسان جي سياست آهي، (3) سوشلزم اسان جي معيشت آهي، (4) طاقت جو سرچشمو عوام آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ عوامي پارٽي طور مشهور آهي، جنهن جو منشور آهي ته معاشري جي فردن جي برابريءَ واري حيثيت تڏهن ئي بحال ٿي سگهي ٿي، جڏهن جاگيرداڻي نظام کي ختم ڪيو وڃي ۽ غريب هارين ۽ مزدورن کي ان جو حق ڏنو وڃي.پس منظر: ايوب خان 13 جون 1962ع تي پنهنجي ڪابينا جو اعلان ڪيو، ذوالفقار علي ڀٽو جنوري 1963ع ۾ پرڏيهي وزير مقرر ٿيو. 1965ع ۾ پاڪ- ڀارت جنگ لڳي، جنهن ۾ پاڪستان کي سوڀ ٿي، 4 کان 10 جنوري 1966ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مصلحتي ٺهراءَ جي حوالي سان تاشقند ۾ هڪ معاهدو عمل ۾ آيو، جنهن کي تاشقند معاهدو“ سڏجي ٿو. تاشقند معاهدي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ بضد هو ته ڪشمير ۾ چونڊون ڪرايون وڃن، هن چاهيو پئي ته ان ڳالهه کي واضح ڪيو وڃي ته ڪشمير اڪثريت راءِ سان پاڪستان جي حصي ۾ايندو يا ڀارت جي حصي ۾، پر ان مسئلي جي حل کان سواءِ ئي تڏهوڪي ملڪي صدر ايوب خان 5 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن جي امداد ملڻ تي تاشقند معاهدي تي پنهنجو رضانامو پيش ڪيو، جنهن تان صدر ايوب ۽ ذوالفقار علي ڀٽي ۾ اختلاف وڌندا ويا ۽ آخرڪار 26 اپريل 1967ع تي ذوالفقار علي ڀُٽي پرڏيهي وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ جنرل ايوب خان جي خلاف جمهوري آواز جي علامت بڻجي اُڀريو، ان بعد ڀٽي صاحب پاڪستاني عوام جي حقن ۽ جمهوريت لاءِ هڪ الڳ جماعت ٺاهڻ لاءِ پنهنجي ويجهن ساٿين ڊاڪٽر مبشر حسن، مخدوم طالب الموليٰ، شيخ رشيد احمد، ملڪ معراج خالد، غلام مصطفيٰ خان جتوئي، غلام مصطفيٰ کر، مير رسول بخش ٽالپر ۽ ٻين سان صلاح مشوري بعد نيٺ 30 نومبر 1967ع تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو. ڀٽي صاحب پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان جمهوريت لاءِ جدوجهد تيز ڪئي، نتيجي ۾ ايوب خان مارچ 1969ع ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني. ان وقت اقتدار جنرل يحييٰ خان جي حوالي هو. جنهن بعد جنرل يحييٰ خان جي انتظام هيٺ 1970ع ۾ ملڪ ۾ ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ پهريون جمهوري چونڊون ٿيون ۽ تنهن وقت ۾ پيپلز پارٽيءَ جو نعرو ”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ (روٽي، ڪپڙا اور مڪان) ڏاڍو مقبول ٿيو. 1970ع واري اليڪشن ۾ هن جماعت اولهه پاڪستان جي چئني صوبن مان 138 قومي اسيمبلي جي سيٽن تان 81 سيٽون کڻي ڪاميابي ماڻي ۽ اوڀر پاڪستان مان عوامي ليگ 162 قومي اسيمبلي جي سيٽن مان 160 سيٽون کڻي ڪامياب ٿي، پر ان دوران عوامي ليگ کي حڪومت نه ملڻ سبب گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي ۽ اوڀر پاڪستان بنگلاديش جي صورت ۾ الڳ ٿي ويو.1971ع کان 1977ع تائين پ پ پ حڪومت ملڪ اندر سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ تمام وڏي ۽ مثبت تبديليءَ آڻي، ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪيو. پيپلز پارٽيءَ 1971ع کان 1977ع تائين ملڪ جي اثاثن کي محفوظ ڪيو ۽ ڪيترائي صنعتي يونٽ شروع ڪيا، جنهن جو مثال پاڪستان جي پهرين اسٽيل مل جو قيام، تربيلا وٽان سنڌو درياهه جي پاڻيءَ مان بجلي پيدا ڪرڻ وارو تربيلا ڊيم ٺاهڻ هو. زارعت کي جديد تر مشينري ۽ جديد طرز طريقن سان وڌيڪ لاڀائتو بنايو ويو، شگر ملن ۽ سيمينٽ فيڪٽرين جو قيام ٿيو، بئنڪن ۽ انشورنس ڪمپنين کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو ۽ پاڪستان جي دفاع لاءِ جوهري پروگرام به تيار ڪيو ويو.مارچ 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي وري چونڊون ڪرايون ته ان وقت حڪومت جي مخالفت ۾ ويٺل پارٽين پاڻ ۾ اتحاد جوڙيو ته جيئن پي پي پي کي هارائي سگهجي، هن اتحاد کيPakistan National Alliance (پي. اين. اي) جو نالو ڏنو ويو. مارچ 1977ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي 200 سيٽن مان پي پي پي 155 سيٽون کڻي وري آمريت کي جمهوريت آڏو گوڏا کوڙائڻ تي مجبور ڪيو، پر پي اين اي نتيجن کي قبول نه ڪيو ۽ ملڪ ۾ انتشار ڦهلجي ويو، جنهنڪري فوجي آمر، جنرل ضياءُ الحق 4 جولاءِ 1977ع تي اقتدار تي قبضو ڪيو.1977ع ۾ جيئن ئي ڀٽي صاحب کي قيد ڪيو ويو ته بيگم نصرت ڀٽو کي پارٽي چيئرپرسن طور مقرر ڪيو ويو (ڏسو: بيگم نصرت ڀٽو). بينظير ڀٽو کي پارٽيءَ جي شريڪ چيئرپرسن بڻايو ويو. عوام جي پسنديده ليڊر ۽ پ پ پ جي باني ذوالفقار علي ڀٽي کي، جنرل ضياءَ الحق جي سازش تحت عدالتي حڪم ذريعي 4 اپريل 1979ع تي ڦاهي ڏني وئي. ڀُٽي صاحب جي شهادت تي هزارين پارٽي ڪارڪنن ۽ عوام سخت احتاج ڪيو، جن کي بدترين تشدد جو نشانو بنايو ويو، هزارن جي تعداد ۾ جيل ڀيڙا ٿيا، ڪيترن کي ڪَوڙا هنيا ويا. ايتري قدر جو عورتن کي به تذليل جو نشانو بڻايو ويو، جيتوڻيڪ پي پي پي خلاف ضياءُ الحق ماڻهن ۾ نفرت ڀرڻ چاهي، پر هڪ به ڪارڪن پنهنجي پارٽيءَ سان غداري نه ڪئي.پيپلز پارٽي اڳتي هلي ضياءُ الحق جو چئلينج قبول ڪيو ۽ پارٽي ڪارڪنن توڙي ساٿين کي اليڪشن لاءِ تيار ڪيو ۽ وڏي اڪثريت سان هيءَ جماعت هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊون کٽي آئي، ان دؤران 9 سياسي جماعتون، جن ۾ پاڪستان نيشنل الائنس جون به پارٽيون شامل ٿيون، جمهوريت جي بحاليءَ جي هڪ نقطي تي گڏ ٿيون ۽ هڪ اتحاد جوڙيو ويو، جنهن کي ايم. آر. ڊي تحريڪ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو (ڏسو: ايم. آر. ڊي)، 1983ع ۾ سنڌ جو عوام فوج جي آمهون سامهون ٿي بيٺو ۽ سنڌ جي پر امن ماڻهن کي فوجي طاقت سان دٻائڻ لاءِ چيٿاڙيو ۽ گولين جو کاڄ بڻايو ويو.1986ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو جي واپسيءَ تي لاهور ۾ لکين ماڻهن سندس شاندار استقبال ڪيو ته اهڙي صورتحال ۾ جنرل ضياءُ الحق جون وايون بتال ٿي وينديون ويون ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ هن پنهنجي مقرر ڪيل وزيراعظم محمد خان جوڻيجي کي وزيراعظم جي ڪرسيءَ تان هٽائي ڇڏيو ۽ 29 مئي 1988ع تي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. ضياءَ الحق جو موت 17 آگسٽ 1988ع تي فضا ۾ C-130 جهاز تباهه ٿيڻ سبب ٿيو.ضياءُ الحق جي موت کان پوءِ ملڪ ۾ وري ٻيهر چونڊن جو سلسلو جاري ٿيو ۽ 1988ع واري چونڊ ۾ پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي جي 207 سيٽن مان 92 سيٽون کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ بينظير ڀٽو شهيد اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم طور حلف کنيو، پر هميشه جيان ان حڪومت کي به مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ 6 آگسٽ 1990ع تي صدر اسحاق خان چونڊيل حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو.آڪٽوبر 1990ع واري اليڪشن ۾ پي پي پي، تحريڪ- استقلال ۽ تحريڪ نفاذ فقه جعفريه جي گڏيل اتحاد سان”پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائينس“ (PDA) جي نالي سان چونڊن ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ قومي اسيمبليءَ جي 107 سيٽن مان 46 سيٽون حاصل ڪري سگهي ۽ ”اسلامي جمهوري اتحاد“ (IJI) جنهن جو اڳواڻ نواز شريف هو، اهو اتحاد اڪثريت سان ڪامياب ٿيو ۽ مسلم ليگ (نواز) حڪومت ٺاهي ۽ نواز شريف وزيراعظم ٿيو، جيڪو به گهڻو وقت نه هلي سگهيو. 1993ع وارين چونڊن جي نتيجي ۾ پ پ کي وري اقتدار مليو، تڏهن به پ پ حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، سيپٽمبر 1996ع ۾ بينظير ڀٽو جي بهادر ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀُٽي کي شهيد ڪيو ويو ۽ ان وقت مخالفن پاران بينظير حڪومت ۽ خاص ڪري هاڻوڪي ملڪي صدر آصف علي زرداريءَ تي بدعنوانين جا الزام لڳايا ويا، نتيجي ۾ پارٽيءَ جي ئي چونڊيل صدر فاروق لغاريءَ، 5 نومبر 1996ع تي چونڊيل اسيمبليون ٽوڙي پ پ پ جي حڪومت ختم ڪئي وئي.ان بعد فيبروري 1997ع دوران نواز ليگ چونڊن کٽڻ بعد حڪومت ٺاهي، وري 12 آڪٽوبر 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف نوازشريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قابض ٿيو ۽ 2002ع ۾ عام چونڊون ڪرائي 2007ع تائين اقتدار ۾ رهيو (ڏسو: پرويز مشرف) ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ق) نالي جماعت ٺهرائي ۽ پنهنجي حمايت ۾ ان کي استعمال ڪيائين. اهو سمورو عرصو پ پ پ قيادت مخدوم امين فهيم جي هٿ هيٺ ڪم ڪري رهي هئي، ڇاڪاڻ ته بينظير ڀٽو خود ساخته جلاوطن ٿي دبئيءَ ۾ وڃي رهي هئي ۽ سندس وَر آصف علي زرداري 2005ع تائين جيل ۾ رهيو.2007ع ۾ اعلانيل عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ چونڊن ۾ بيهڻ جو اعلان ڪيو ۽ بينظير ڀُٽو ڏيهه موٽڻ جو فيصلو ڪيو، سندس زندگيءَ کي جيتوڻيڪ خطرا هئا، پر هن آڪٽوبر 2007ع ۾ دبئيءَ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ واضح اعلان ڪيو ته: ”آئون پنهنجي عوام وٽ ضرور وينديس ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد جاري رکنديس“. ان اعلان بعد پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۾ ولولو پيدا ٿيو. 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچيءَ ۾ محترمه جو لکين ماڻهن استقبال ڪيو، ان موقعي تي دهشتگردن خودڪش بم حملو ڪيو، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ عام ماڻهو شهيد ٿيا، پر محترمه بينظير پوءِ به همٿ جو مظاهرو ڪندي چونڊن جا جلسا هر وڏي ننڍي شهر ۾ ڪيا، سندس راولپنڊيءَ وارو جلسو هن جي شهادت جو باعث بڻيو، جتي قاتلن هڪ منصوبي تحت محترمه تي فائر ۽ ڌماڪا ڪري کيس شهيد ڪيو، ان ردعمل ۾ لکين ڪارڪن اٿلي پيا. مسلسل (3) ٽِن ڏينهن تائين هلندڙ احتجاج سبب ملڪي معيشيت تي به برو اثر ٿيو، ان سانحي بعد پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جي فيصلي تحت بلاول ڀُٽي زرداريءَ کي پارٽيءَ جو چيئرمئن ۽ آصف علي زرداريءَ کي پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمئن طور چونڊيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت سبب ملتوي ٿيل چونڊون فيبروري 2008ع ۾ ٿيون، جنهن ۾ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان چونڊون کٽي آئي ۽ مختلف پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ نواز ليگ ڪجهه اختلافن سبب وفاقي ڪابينا مان ڌار ٿي، مارچ 2008ع تائين پ پ پ اقتدار ۾ رهي.


لفظ پاڪستان پيپلز پارٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو